خطمي Pdj i
خطمي (نالا: ع. بذرالخطمي، ف. تخم خطمي، ھ. خيري، ابخل ۽ سحم المرخ.)ستارن جي ٽڪين وانگر هڪ قسم جو ٻج آهي جو ڳاڙهي رنگ تي ٿيندو آهي.
اثر: سرد تر 1، نقصان: معدي ۽ ڦڦڙن کي، ميل: ماکيءَ ۽ سؤنف، عيوض: خبازي ۽ نيلوفر، وزن: پنجن ماسن کان ست ماسا.
خاصيت: گهاٽن ۽ سڙيل خلطن، گرم تپن، يرقان، ٻرهل، بدن جي خارش لاءِ منضج آهي. گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿي، ڦڦڙن جي سور ۽ پاسي جي سور کي فائدو ڪري ٿي. جيڪي بخار مٿي چڙهن ٿا، تن کي لاهڻ، سخت سوڄن کي نرم ڪرڻ، خشڪ کنگھ، دمڪشي ۽ مثاني جي بيمارين ۾ مفيد آهي.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: ۲۰۰۷ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.